اسلام آباد – 09 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر محمد شهباز شريف پنجاب ??وب?? جي چونڊن لا??ِ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اميدوارن کان پ??رٽي ٽڪيٽ جي لا??ِ درخواستون طلب ڪري ورتيون آهن. شهباز شريف پارٽي صدر جي طور تي اهي هدايتون جاري ڪيون. پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ترجمان ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب جي ٽوئيٽ موجب پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ اميدوارن جي فهرستن کي حتمي شڪل ڏيڻ جي پارلياماني بورڊ کي به هدايت ڪئي آهي. اميدوارن کي هدايت ڪئي ته اليڪشن ڪميشن پ??ران پنجاب ??وب?? ۾ نامزدگي ڪاغذن جي لا??ِ 14 مارچ جي آخري تاريخ جو اعلان ٿيڻ جي ڏس ۾ پنهنجي پنهنجي تڪن ۾ ڪاغذ جمع ڪرائين. محمد شهباز شريف اميدوارن جي نالي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته الله تعاليٰ جو نالو وٺي چونڊ ميدان ۾ لهڻ جي تياري ڪريو. مسلم ليگ (ن) پاڪستان ۽ عوام جي خدمت جو نالو آهي. هن چيو ته قائد محمد نواز شريف جي رهنمائي ۾ اسان سدائين ملڪ کي بحرانن مان ڪڍيو آهي، هاڻي به سرخرو ٿينداسين. مهانگائي ۾ گهٽتائي، دهشتگردي جو خاتمو، عوام جي لا??ِ بهترين سفري سهولتون قائد نواز شريف ۽ ان جي پارٽي جي سڃاڻپ آهي. محمد شهباز شريف چيو ته جهڙي طرح بجلي جي اونداهين کي ختم ڪيو، پاڪستان کي معاشي قوت بڻايو، هڪ ڀيرو ٻيهر اهي منزل حاصل ڪنداسين. هن چيو ته نوجوانن کي تعليم?? صحت ۽ روزگار جا موقعا ڏنا، ليپ ٽاپ، وظيفا ڏنا، اهو سفر اڳتي وڌائينداسين. هن چيو ته ملڪ کي معاشي تباهي، مهانگائي ۽ مسئلن جي عذاب ۾ مبتلا ڪندڙن کي عوام ڄاڻي ۽ سڃاڻي ٿي. پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر چونڊ مهم هلائڻ جي لا??ِ حڪمت عملي جي تياري جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. چونڊ اميدوارن کي درخواستون جمع ڪرائڻ جي لا??ِ 180 ايڇ ماڊل ٽائون لاهور پارٽي جي مرڪزي سيڪريٽريٽ رابطو ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي آهي.