اسلام آباد – 09 – مارچ (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي سا?? تن??انيه ۾ پاڪستان جي نامزد هاءِ ڪمشنر سراج احمد خان ملاقات ڪئي. ايوان صد?? جي پريس ونگ موجب صد?? ٻطرفي مفاد جي لاءِ پاڪستان ۽ تن??انيه ج?? وچ ۾ واپاري ۽ معاشي تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته پاڪستان تن??انيه سا?? لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان تن??انيه سا?? معاشي ۽ ثقافتي رابطا وڌائڻ جو خواهشمند آهي، ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ اعليٰ سطحي سياسي ۽ ثقافتي مٽاسٽا جي ضرورت آهي. صد?? نامزد هاءِ ڪمشنر کي تن??انيه ج?? ادارن جي سگهه ۾ اضافي جي لاءِ پاڪستان پاران تعاون وڌائڻ جي هدايت ڪئي. پاڪستان تن??انيه کي سفارتڪاري، بئنڪنگ، ريلوي ۽ پوسٽل خدمتن ۾ تعاون فراهم ڪري رهيو آهي. صد?? نامزد هاءِ ڪمشنر کي تن??انيه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي سهولت فراهم ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. هن چيو ته نامزد هاءِ ڪمشنر ٻ??هي ملڪن جي وچ ۾ عوامي رابطا ۽ واپار وڌائڻ جي لاءِ ڪم ڪري، تن??انيه جا شاگرد پاڪستان جي گهٽ قيمت واري ورچوئل تعليمي پروگرام مان فائدو کڻي سگهن ٿا، پاڪستان جي ورچوئل يونيورسٽي ۾ اڳ ۾ ئي اٽڪل 8 هزار غيرملڪي شاگرد ورچوئل تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. صد?? ڊاڪٽر عارف علوي سراج احمد خان کي تن??انيه ۾ هاءِ ڪمشنر مقرري تي مبارڪباد پڻ ڏني. صد?? تن??انيه سا?? لاڳاپا وڌيڪ بهتر ڪرڻ جي لاءِ ڪم جي هدايت پڻ ڪئي.