انقره – 17 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه جي زلزلي سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ شهر آديامان جو دورو ڪيو آديامان پهچڻ تي وزيراعظم جو واپار واري وزير مهمت موش، ٽرانسپورٽ ۽ انفراسٽرڪچر واري وزير عادل ڪريس ميلو اوغلو، آديامان جي گورنر ۽ ٻين اعليٰ عهديدارن استقبال ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ??رڪ پارليامينٽ ۾ پاڪستان – ترڪي فرينڊشپ گروپ جي چيئرپرسن علي ساهين وزيراعظم سان گڏ انقره ۾ آديامان پهتا. وزيراعظم سرديءَ جي موسم جي ??يم?? جي امدادي کيپ ??رڪ عملدارن جي حوالي ڪئي جيڪا پاڪستان مان سي 130 جهاز ذريعي پهتي. تقريب کانپوءِ ??رڪ ڊيزاسٽر ريليف اٿارٽي (اي ايف اي ڊي) پاران جاري بچاءُ ۽ امدادي سرگرمين بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته سمورين رڪاوٽن تي ضابطو آڻڻ ۽ سمورن چئلينجن کي شڪست ڏ??ڻ جي روايتي ??رڪ جذبي سان ??رڪ قوم ان قدرتي آفتن مان اڳ کان وڌيڪ مضبوط نڪرندي. هن چيو ته ترڪيه سدائين پاڪستان کي پاڻ سان گڏ ڏسندو. بعد ۾ وزيراعظم آديامان شهر جي زلز??ي متاثر مختلف حصن جو دورو ڪيو ۽ پاڪستاني سرچ اينڊ ريسڪيو ٽيمن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي جيڪي علائقي ۾ سرچ ۽ بچاءُ جي ڪاررواين ۾ مصروف آهن. وزيراعظم انهن جي جذبي ۽ پيشيواراڻي مهارت کي ساراهيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏ??و ته پاڪستان ريسڪيو، ريليف ۽ بحالي جي ڪوششن ۾ فعال ڪردار ادا ڪندو رهندو. ان موقعي تي وزيراعظم زلز??ي متاثرين سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي جن ترڪيه جي لاءِ پاڪستان جي مضبوط ۽ پرعزم حمايت سان گڏوگڏ پاڪستاني ريسڪيو ٽيمن پاران جانيون بچائڻ ۾ موثر ڪردار ادا ڪرڻ تي انهن جا ٿورا مڃيا.