اسلام آباد -05 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي معاملن بابت مشير قمر الزمان ڪائره چيو آهي، ته پاڪستاني قوم اڄ سڄي دنيا ۾ يوم يڪجهتي ڪشمير ملهائي رهي آهي ته جيئن ڪشمي??ين جي حق خوداراديت جي حمايت جو پيغام سڄي دنيا ۾ پهچائي سگهجي. عالمي برادري کي ڪشمير جي معصوم ماڻهن تي ڀارت جي ظ??م ۽ بربريت تي خاموشي ٽوڙڻ گهرجي، اڳوڻي ڀارتي وزيراعظم نهرو ڪشمي??ين سان اهو واعدو ڪيو هو ته هو گڏيل قومن جي ٺهرائن ذريعي ڪشمير تڪرار حل ڪرائيندو. پرڏيهي وزارت ۽ ڪشمير گلگت بلتستان جي معاملن واري وزارت جي اهتمام هيٺ گڏيل طور تي منعقد ڪيل يڪجهتي ??اڪ کي خطاب ڪندي قمر الزمان ڪائره چيو ته پاڪستان ڪشمير جي شهه رڳ ۽ اڻٽٽ انگ آهي. هن چيو ته يوم يڪجهتي ڪشمير ملهائڻ جو واحد مقصد عالمي برادري ??ي ضمير کي جهنجهوڙڻ آهي. ڪشمي??ين جي حمايت جي حڪومتي عزم جو ورجاءُ ڪندي هن چيو ته پاڪستان ۾ هر شعبي سان تعلق رکندڙ شخصيتون، شاگرد، صحافي ڪشمي??ين جي حق خوداراديت واري مطالبي جي حمايت ڪري ??هيا آهن. هن چيو ته ڀارت ڪشمي??ين جي آزادي واري ??دوجهد کي دٻائڻ لاءِ مختلف حربا استعمال ڪري ??هيو آهي پر اهو ڪڏهن به پنهنجي ناڪام ايجنڊا ۾ ڪامياب نه ٿيندو، ان موقعي تي ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس آزاد ڄمون ڪشمير جي سينئر اڳواڻ غلام محمد صفي ڪشمي??ين جي آزادي واري ??دوجهد ۾ حمايت ڪرڻ تي پاڪستان ۽ عوام جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته عالمي برادري ??ي زور ڀريو وڃي ته اها مظلوم ڪشمي??ين خلاف ڀارت جي ظلم کي روڪڻ لاءِ ان تي دٻاءُ وجهي.