اسلام آباد – 26 جنوري (اي پي پي) حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي زال مشعال حسين ملڪ چيو آهي ته جمهوريت جو ڪوڙو لباس پائي ڀارت ن??م نهاد ري پبلڪ ڊي ملهائي رهيو آهي، ڀارت دنيا کي دوکو ڏي?? لاءِ اهو ڏينهن ملهائيندو آهي، ڀارتي فوج گذريل 75 سالن کان سموري ڪشميري قوم جو رت وهائي رهي آهي. ڀارت جي ن??م نهاد يوم جمهوريا تي پنهنجي بيان ۾ مشعال ملڪ چيو ته جمهوريت جو ڪوڙو لباس پائي ڀارت ڪشميرين جي مسل ڪشي ۾ مصروف آهي. ڄمون ۽ ڪشمير ۾ لکن جي تعداد ۾ مقرر ڀارتي فوج ڪشميرين ک?? گولين جو شڪار ڪري رهيا آهن. ڀارتي فوج هٿان ڪشميري عورتن جي عزت پڻ محفوظ ناهي، ڀارتي فوج ڪشميرين جي گهرن کي ساڙي رهي آهي. مشعال ملڪ چيو ته ڀارتي فوج ک??ن ننڍا معصوم ڪشميري پڻ محفوظ ناهن، ڀارتي حڪومت سياسي جدوجهد تي ڪشميري اڳواڻن تي ڪوڙا ڪيس ٺاهيا آهن. ڏهه لک فوج سان گڏ ڀارتي حڪومت پنجاهه لک هندوستانين کي پڻ ڪشميري سڃاڻپ ڏئي ڇڏي. مشعال ملڪ چيو ته ڪشميرين تي پنجاهه لک هندن کي پڻ مسلط ڪيو ويو، وا??ار??ل ڪشمير ڀارتي فوج جي ڪالوني بڻجي چڪو آهي. دنيا ڀارت جي ن??م نهاد جمهوريت جي پٽي اکين تان هٽائي ۽ ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ظلم ۽ زيادتي کي ڏسي.