اسلام آباد– 25 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ڊائمنڊ ج??بلي تمغه 2022ع جي نالي سان نئون تمغو عطا ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر نئون تمغو عطا ڪرڻ جي منظوري اعزاز اي??ٽ 1975ع تحت ڏني آهي. پاڪستان ڊائمنڊ ج??بلي تمغو 2022ع پاڪ فوج، سول فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ماڻ??ن کي پاڪستان جي جاگرافيائي ۽ سياسي حدن جي دفاع ۾ خدمتن ۽ قربانين جي اعتراف ۾ ڏنو ويندو، تمغو عسڪريت پسندي ۽ دهشتگردي جي خاتمي ۽ اندروني ۽ ٻاهرئين طور تي امن قائم ڪرڻ جي لاءِ خدمتن ۽ قربانين جي اعتراف ۾ ڏنو ويندو. اهو تمغو پاڪستان قائم ٿيڻ جي 75 هين سالگرهه 14 آگسٽ 2022ع کان نافذ العمل هوندو.