اسلام آباد – 28 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي اسپتال جي 37 ملازمن کي ڪورونا هيلٿ رسڪ الائونس ??يڻ جي حڪم جي توثيق ڪن??ي رسڪ الائونس ??يڻ جي لاءِ تازي سمري پي ايم سيڪريٽريٽ موڪلڻ جو حڪم برقرار رکيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر وفاقي محتسب جي حڪم جي خلاف قومي صحت خدمت واري وزارت جي اپيل رد ڪري ڇڏي. نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ري هيبلي ٽيشن مڊيسن (نِرم) ۽ فيڊرل گورنمينٽ سروسز اسپتال جي 37 ملازمن کي نان ڪلينيڪل قر??ر ڏئي الائونس ??ان محروم ڪيو ويو هو، مقبول ??حم?? ۽ ٻين شڪايت ڪن??ڙن الائونس نه ملڻ تي وفاقي محتسب کي شڪايت ڪئي هئي. شڪايت ڪن??ڙن جو موقف هو ته اهي ادارن جي سربراهن جي هدايت تي خطري جي باوجود ڪورونا وائرس جي وبا ۾ فرض سرانجام ڏيندا رهيا، ڪيترن ئي ملازمن کي ڪورونا رسڪ الائونس ادا ڪيو ويو جڏهن ته انهن کي نان ٽيڪنيڪل اسٽاف قر??ر ڏئي امتيازي سلوڪ ڪيو ويو. شڪايت ڪن??ڙن موجب ڪلينيڪل ۽ نان ڪلينيڪل ملازم هڪ جهڙي طور تي پنهنجي اسپتالن ۾ ڊيوٽي سرانجام ڏيندا رهيا. فيصلي موجب آگسٽ 2021ع ۾ وزارت وفاقي سرڪاري اسپتالن/ ادارن جي طبي عملي کي ڪورونا هيلٿ رسڪ الائونس ??يڻ جي لاءِ فنڊ فراهم ڪيا، فيڊرل گورنمينٽ پولي ڪلينڪ پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل انسٽيٽيوٽ اسلام آباد به فائدو کڻندڙن مان هڪ هو، 2020ع ۾ سمورن ملازمن کي ڪورونا رسڪ الائونس ??نو ويو جڏهن ته 2021ع ۾ 37 ملازمن کي نان ڪلينيڪل قر??ر ڏئي الائونس ??ان محروم ڪيو ويو. فيصلي ۾ قر??ر ڏنو ويو ته ڪلينيڪل ۽ نان ڪلينيڪل عملو هڪ جهڙي خطري واري ماحول ۾ ڪم ڪري ٿو، ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ايجنسي جي باقي 37 ملازمن کي الائونس ??يڻ جي سفارش ڪئي. صدر صحت واري وزارت جي اپيل بدانتظامي ثابت ٿيڻ تي رد ڪري ڇڏي آهي.