اسلام آباد – 02 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب پاران 3 ارب ڊالرن جي واپسي جي مدي ۾ واڌ جي آجيان ڪندي چيو آهي ته سعودي عرب جي قيادت ۽ حڪومت جا ٿورا مڃون ٿا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن چيو ته سعودي عرب جي وزيراعظم ?? ولي عهد شهزاده مح??د بن سلمان جا خاص طور تي ٿورا مڃون ٿا. شهزاده مح??د بن سلمان جي پاڪس??ان سان محبت جي سچي دل سان قدر ڪريون ٿا. هن چيو ته سعودي عرب هڪ ڀيرو ٻيهر وڏي ڀاءُ جو ڪردار ادا ڪيو، پاڪس??ان سان پنهنجي بي مثال محبت جو ثبوت ڏنو. وزيراعظم چيو ته سعودي عرب جي قدم سان پاڪس??ان جي معاشي صورتحال بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي. پاڪس??ان جي معاشي پاڻڀرائپ اولين قومي ايجنڊا آهي جنهن جي لاءِ سياسي استحڪام ۽ ميثاق معيشت وقت جي ضرورت آهي.