ثمرقند – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ازبڪستان ??ي صدر شوڪت مرزئيوف سان ملاقات ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران ??اري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اها ملاقات شنگهائي تعاون تنظيم جي مملڪتي سربراهن جي سالياني اجلاس ج?? موقعي تي ثمرقند ۾ ٿي. ان موقعي تي ناڻي وارو وفاقي وزير مفتاح اسماعيل، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ د??اع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا.