اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطل??عا?? ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ??هي ته تباهي آڻيندڙ ٻوڏ موسم جي دٻاءُ جو سڌوسنئون نتيجو آهي، اسان اميد ڪريون ٿا ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جو دورو دنيا آڏو ان ڳالهه کي اجاگر ڪر?? ۾ ??دد ڪندو ته آلوده گئس جي اخراج ۾ هڪ سيڪڙو کان به گهٽ حصو هجڻ جي باوجود پاڪستان عالمي سطح تي موسمياتي لحاظ کان 10 غيرمحفوظ ملڪن ۾ شامل آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ??ه اسان پاڪستان جي موسمياتي خطرن کي گهٽ ڪرڻ، موافقت جي صلاحيت کي وڌائڻ ۽ موسمياتي تبديلي کان متاثر ٿيندڙ ماڻهن جي بحالي ۾ مدد جي لاءِ ترقياتي حصيدارن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي پيغام کي دنيا تائين پهچائڻ جي لاءِ عالمي تعاون کي ساراهيون ٿا.