اسلام آباد – 08 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي و??ير بلاول ڀٽو زرداري سان آ??ريڪي پرڏيهي کاتي جي قونصلر ڊيرڪ چوليٽ ملاقات ڪئي ۽ پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سبب ٿيندڙ جاني نقصان ۽ تباهي تي پاڪستاني عوام سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پرڏيهي و??ير بلاول ڀٽو زرداري هن مشڪل گهڙيءَ ۾ آمريڪي پرڏيهي کاتي جي قونصلر جي پاڪستان جي ??ور?? تي ٿورا مڃيندي آمريڪي حڪومت پاران حمايت ۽ يڪجهتي جي ڀرپور اظهار کي ساراهيو. پرڏيهي و??ير بلاول ڀٽو زرداري آمريڪي عهديدار کي آگاهه ڪيو ته پاڪستان جو اٽڪل هڪ ڀاڱي ٽي علائقو پاڻي هيٺ آهي، ٻوڏ جي نتيجي ۾ 1300 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته 3 ڪروڙ 30 لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا آهن ۽ اهم انفراسٽرڪچر تباهه ٿيو آهي. پرڏيهي و??ير چيو ته 40 لک ايڪڙ کان وڌيڪ زمين تي پکڙيل فصلون لڙهي ويون ۽ 10 لک جي لڳ ڀڳ چوپايو مال مري ويو آهي. هن چيو ته حڪومت هن وقت ماڻهن جي جان بچائڻ جي لاءِ فوري بچاءُ ۽ امدادي ڪوششن ۾ پوري طرح مصروف آهي، ٻوڏ سان غذائي تحفظ، صحت ۽ معيشت تي ڊگهي مدي وارا اثر سنگين ڳڻتي جو سبب آهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شديد ٻوڏ کان متاثر ٿيندڙ لکين ماڻهن جي بحالي، نئين سر تعمير، ڪميونٽيز جي نئين سر تعمير ۽ معاشي اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تمام گهڻا وسيلا گهربل هوندا. پرڏيهي و??ير چيو ته بدقسمتي آهي جو گرين هائوس گئسن جي اخراج ۾ پاڪستان جو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ حصو آهي پر ان کي موسمياتي تبديلين جي شدت کي منهن ڏيڻو پيو. هن آ??ريڪي حڪومت پاران 31.1 ملين ڊالر جي امداد تي ٿورا مڃيا. پرڏيهي و??ير چيو ته تازن مهينن ۾ پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه جي رفتار مستحڪم رهي آهي، پاڪستان گڏيل اعتماد ۽ گڏيل احترام جي بنياد تي آمريڪا سان پنهنجي پراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ۽ وسيع ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. پرڏيهي و??ير موسمياتي تبديلي، توانائي، صحت، واپار ۽ سيڙپڪاري، تعليم ۽ عوام سان عوام جي رابطن جي شعبن ۾ پائيدار تعاون جي اهميت تي زور ڏنو. آمريڪي پرڏيهي کاتي جي قونصلر ڊيرڪ چوليٽ چيو ته آمريڪا ٻوڏ سبب ٿيندڙ تباهي کي منهن ڏيڻ جي ڪوششن ۾ پاڪستان جي مدد جي لاءِ پرعزم آهي. هن پرڏيهي و??ير سان مختلف ??عبن ۾ جاري ڳالهه ٻولهه کي سگهه ڏيڻ ۽ لاڳاپن کي وسيع ۽ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ تعاون جي وڌيڪ شعبن جي ڳولا تي اتفاق ڪيو. آمريڪي پرڏيهي کاتي جو قونصلر 7 کان 9 سيپٽمبر تائين پاڪستان ۾ هڪ عالمي ايجنسي وفد جي قيادت ڪري رهيو آهي ته جيئن تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي ڏس ۾ پاڪستان جي لاءِ آمريڪي حمايت جي توثيق ڪري سگهجي ۽ پاڪستان آ??ريڪا جي وس??ع البنياد ۽ پائيدار لاڳاپن کي سگهه ڏئي سگهجي.