اسلام آباد – 05 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزارت جي اهتمام هيٺ 5 آگسٽ 2019ع جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي ڀارتي قد??ن جي خلاف جمعي تي پرڏيهي آفيس کان پارليامينٽ هائوس تائين هڪ ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ دفاع وارو وزير خواجه محمد آصف، پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود، حريت ڪانفرنس جا اڳواڻ ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهو ريلي ۾ شرڪت ٿيا. ان کان اڳ واڪ ۾ شريڪ ٿيندڙن ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ آيل جمون ۽ ڪش??ير جي عوام سان گڏ يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ پرڏيهي آفيس ۾ گڏ ٿيا. جنهن کانپوءِ پرڏيهي آفيس ڪش??ير استحصال ڏه??ڙي جي مناسبت سان زاهد زمان جي ملي نغمي کي جاري ڪيو ويو. ملي نغمو ڪشميرين جي خودمختياري واري حق ۽ ڀارتي خوني چنبي کان آزادي جي جدوجهد مسلسل جاري رکڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو. ڪش??ير جي حوالي سان اهو ملي نغمو زاهد زمان خصوصي طور تي تيار ڪيو آهي. ريلي ۾ شريڪ ٿيندڙن پرڏيهي آفيس کان شاهراهه دستور کان ٿيندا پارليامينٽ هائوس پهتا. والاريل ڪش??ير ۾ 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارتي غيرقانوني ۽ هڪ طرفي قد??ن جي خلاف ملڪ جي اندر ۽ ٻاهر ڪش??ير استحصال ڏهاڙو ڀرپور انداز ۾ ملهايو پيو وڃي. پرڏيهي وزارت مظلوم ڪشميرين سان اظهار يڪجهتي جي لاءِ اسلام آباد ءِ ٻاهرين ملڪ پاڪستاني سفارتخانن ۾ ڪيترن ئي پروگرا??ن جو اهتمام ڪيو آهي.