مظفر آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) ??اڪ??تان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي معاملن واري وفاقي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي سڏ تي اڄ جمعي ڏينهن آزاد ڪشمير ۽ ??اڪ??تان جي چئني صوبن سميت سڄي دنيا ۾ استحصال ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي. ڀارت پاران 5 آگسٽ 2019ع تي آئيني ترميم ذريعي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪرڻ جي قدمن جي خلاف اڄ 5 آگسٽ تي رياست ڄمون ۽ ڪشمير جي ٻنهي طرفن جلسا، جلوس، مظاهرا ۽ احتجاجي ريليون ڪڍيون وينديون. ??اڪ??تان پيپلزپارٽي آزاد ڪشمير جي مرڪزي ڊپٽي سيڪريٽري اطلاعات شوڪت جاويد مير ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گادي واري شهر مظفر آباد ۾ سڀ کان وڏي ريلي ??اڪ??تان پيپلزپارٽي آزاد ڪشمير ۽ پاس??ان حريت جي گڏيل سهڪار سان مرڪزي پريس ڪلب آڏو آزادي چوڪ کان گڏيل قومن جي مشن آفيس تائين پيادل مارچ ڪندي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس جي نالي ڀارتي ظلمن ۽ معصوم ڪشميرين جي قتلام، دنيا جي ڊگ??ي ترين لاڪ ڊائون ۽ ڪرفيو جي لاڳو هجڻ تي احتجاجي ميمورنڊم پيش ڪندي. ريلي جي قيادت آزاد ڪشمير قانونساز اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ چوڌري لطيف اڪبر، پاس??ان حريت جو چيئرمين عزيز احمد غزالي، پيپلزپارٽي جو مرڪزي ڊپٽي سيڪريٽري اطلاعات شوڪت جاويد مير، وائيس چيئرمين مشتاق السلام ڪندا. پارٽي صدر چوڌري محمد ياسين، سيڪريٽري جنرل فيصل ممتاز راٺوڙ، آزاد ڪشمير، پناهگيرن ۽ ٻاهرئين ملڪ ۾ قائم تنظيمن کي ڀرپور احتجاجي ريليون ڪڍڻ جون هدايتون جاري ڪيون آهن.