اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ??اڪ??تان جي جوهري پروگرام جي معمار شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا، 28 مئي 1998ع تي بلوچستان، چاغي جي جبلن ۾ بلند ٿيندڙ تڪبير جي نعري جي گونج اڄ به جاري آهي، اهو ??اڪ??تان جي پنهنجي آزادي، خودمختياري ۽ دفاع تي ٺاهه نه ڪرڻ جو واضح اظهار جو تاريخي ڏينهن آهي، ??ڄو??و ڏينهن ??اڪ??تان جي اتحاد، يڪجهتي ۽ هڪ ٿ??ڻ جو ڏينهن آهي، اهو ئي اتحاد ??اڪ??تان جي اصل قوت آهي، ان وچن کي ورجايون ٿا ته ??اڪ??تان جي دفاع، سلامتي ۽ قومي مفادن لاءِ ڪنهن به قرباني کان پاسو نه ڪنداسين. ??اڪ??تان جي جوهري ڌماڪن جي سلور جوبلي تي قوم کي مبارڪباد ڏيندي وزيراعظم چيو ته 28 مئي 1998ع تي بلوچستان چاغي جي جبلن ۾ بلند ٿيندڙ تڪبير جي نعري جي گونج اڄ به جاري آهي. ??اڪ??تان جي دفاع جو اهو تمغو بلوچستان جي ڌرتي جي سيني تي سجايل آهي، اهو ??اڪ??تان جي پنهنجي آزادي، خودمختياري ۽ دفاع تي ٺاهه نه ڪرڻ جي واضح اظهار جو تاريخي ڏينهن آهي، وزيراعظم چيو ته ??اڪ??تان جي جوهري پروگرام جي معمار شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا، ??اڪ??تان جو فخر بلند ڪندڙ عظيم محب وطن وزيراعظم نواز شريف کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، قائد محمد نواز شريف هر لالچ، هر دٻاءُ رد ڪندي ??اڪ??تان کي دنيا جي ستين ۽ اسلامي دنيا جي پهرين ايٽمي قوت بڻايو. ذوالفقار علي ڀٽو کان وزيراعظم نواز شريف تائين سڀني حڪومتن ۽ جوهري پروگرامن بابت سڀني ذميدارن کي قوم سلام پيش ڪري ٿي. وزيراعظم چيو ته اسان جا سياستدان، انجنيئر ۽ جوهري پروگرام کي پروان چاڙهيندڙ هر ماڻهو تحسين جي لائق آهي. اهي قوم جا هيروز آهن، اسان جي هٿياربند فوج جوهري پروگرام لاءِ جيڪي خدمتون سرانجام ڏنيون آهن اهي تاريخ جو سنهري باب آهن ??اڪ??تان ايٽامڪ انرجي ڪميشن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. ان قومي اداري قومي سلامتي ۽ دفاع لاءِ ناقابل فراموش ڪردار ادا ڪيو آهي. اڄ اسان محسن ??اڪ??تان ڊاڪٽر عبدالقدير سان کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا جنهن پنهنجي سڄي عمر ??اڪ??تان جي دفاع تي لُٽائي ڇڏي، اسان پنهنجي انهن سڀني محسنن کي نٿا وساري سگهون جن قوم جي مفاد لاءِ عظيم قربانيون ڏنيون آهن. اسان سعودي عرب سميت سڀني پنهنجي ڀائر ۽ عظيم دوست ملڪن جو ٿوروا دا ڪريون ٿا جن معاشي پابندين ۾ ??اڪ??تان جو ساٿ ڏنو، ??ڄو??و ڏينهن ??اڪ??تان جي اتحاد، يڪجهتي ۽ هڪ ٿ??ڻ جو ڏينهن آهي، اهو اتحاد ??اڪ??تان جي اصل قوت آهي، قوم جي اتحاد محنت ۽ يقين ڪامل سان هاڻي ??اڪ??تان کي معاشي قوت بڻائڻو آهي، اسان کي قوم جي حيثيت سان اڄ معاشي خودمختياري ۽ پاڻ ڀاڙڻ جي لاءِ يوم يڪبير واري جذبي کان اڳتي وڌڻو پوندو. اڄ تجديد جي ڏهاڙي جي عهد جو ڏينهن آهي ته ??اڪ??تان جي دفاع، سلامتي ۽ قومي مفادن لاءِ ڪنهن به قرباني کان نه ڪيٻائينداسين. يوم تڪبير تي 10 ڏينهن واري تقريبن کي قوم جي اتحاد ۽ ??اڪ??تان جي تعمير، ترقي ۽ خوشحالي جي عزم سان ملهايو ويندو.