ڪراچي – 20 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شه??از شريف ڪراچي شپ يارڊ ۾ ملجم ڪلاس جهاز پي اين ايس بدر لانچ ڪري ڇڏيو، ان سلسلي ۾ ڪراچي شپ يارڊ اينڊ انجنيئرنگ ورڪس ۾ خصوصي تقريب جو انعقاد ڪيو ويو. تقريب ۾ وزيراعظم محمد شه??از شريف خصوصي مهمان طور شرڪت ڪئي. ترڪي جو دفاع وارو وزير هولوسي آقار، پاڪ بحريه جو سربراهه ايڊمرل محمد امجد خان نيازي ۽ ٻين اهم شخصيتن به تقريب ۾ شرڪت ڪئي. جهاز ترڪي جي ايم ايس سفات جي تعاون سا?? ڪراچي شپ يارڊ ۾ تيار ڪيو ويو آهي. دفاعي پيداوار واري وزارت ۽ ترڪي جي معاهدي جي تحت ٻه ڪ??رويٽس جهازن جي تعمير ڪئي وئي آهي، ٻه ڪ??رويٽس جهازن جي تعمير پاڪستان ۽ ٻن جي تعمير ترڪي ۾ ڪئي پئي وڃي، ان طرز جي پهرين بحري جاز جي لانچنگ گذريل سا?? آگسٽ ۾ ترڪي ۾ ٿي هئي، ٻيا ٻه جهاز مڪمل ٿيڻ جي مرحلي ۾ آهن ۽ اهي جديد هٿيارن ۽ سينسرز سا?? ليس هوندا. تقريب ۾ پاڪ بحريه جي سربراهه ٽئين ملجم ڪلاس ڪارويٽ جهاز پي اين ايس بدر جو ماڊل وزيراعظم کي پيش ڪيو، ياد رهي ته وزيراعظم محمد شه??از شريف جمعي تي هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪراچي پهتو هو.