اسلام آباد – 15 – مئي (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي اتر ويرستان جي علائقي ميرانشاهه ۾ خودڪش ڌماڪي جي سخت مذمت ڪئي آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ جي ميڊيا ڊائريڪٽوريٽ پاران جاري بيان موجب سينيٽ چيئرمين سيڪيورٽي اهلڪارن سميت ڪيترن ئي ماڻهن جي شهادت تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. صادق سنجراڻي متاثر خاندانن سان همدردي جو اظهار ??ند?? شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ پون??ير?? جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. سينيٽ چيئرمين شهيد لانس حوالدار زب??ر قادر، سپاهي عزيز اصغر ۽ سپاهي قاسم مقصود کي خراج عقيدت پڻ پيش ڪيو.