اسلام آباد – 07 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي پاڪستان ڇنڇر ڏينهن هڪ سي 130 جهاز مزار شريف روانو ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ ٻوڏ متاثر افغانستان جي عوام جي لاءِ هنگامي ا??دا??ي سامان موڪليو ويو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان م??جب ا??دا??ي سامان ۾ تنبو، اٽو، چانور ۽ کنڊ شامل هئا. پاڪستان پاران افغانستان ۾ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ خيرسگالي جذبي طور ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ خوراڪ ۽ عارضي رهائشگاهن جي سامان تي ٻڌل ٻيو جهاز موڪليو ويندو. بيان م??جب پاڪستان هڪ پاڙيسري ملڪ جي حيثيت سان افغان عوام جي لاءِ انساني ا??دا?? جي فراهمي لاءِ ڪوششن ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي، اميد آهي ته عالمي برادري به افغانستان ۾ متاثر م??ڻه?? کي وقت سر ا??دا?? ۽ معاشي ا??دا?? فراهم ڪرڻ ۾ پنهنجو فعال ڪردار ادا ڪندي.