اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود ??ري??ي چيو آهي ته پاڪستان اسلامي تعاون تنظيم جي ڪردار کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جو خواهشمند ??هي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب شاهه محمود ??ري??ي اسلام آباد ۾ اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي افتتاحي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته بطور ميمبر پاڪستان اسلامي ملڪن جي وچ ۾ ڀائيچاري کي فروغ ڏيندو. پرڏيهي وزير شاهه محمود ??ري??ي او آءِ سي تي زور ڏنو ته مسلمان امت کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ردعمل جو مظاهرو ڪري. هن چيو ته او آءِ سي اٽڪل 2 ارب مسلمانن جو گڏيل آواز ??هي. اها مسلمان ملڪن ۽ عالمي برادري جي وچ ۾ هڪ پل ??هي. مسلمان امت جي اندر يڪجهتي ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جي مرڪزي ٿنڀن مان هڪ ??هي. هن چيو ته او آءِ سي اجلاس جي 48 هين اجلاس جي چيئرمين جي حيثيت سان پاڪستان جو بنيادي هدف مسلمان ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ هوندو. فل??طين ۽ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال جو ذڪر ڪندي شاهه محمود ??ري??ي چيو ته فل??طين ۽ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمُون ۽ ڪشمير جا مسلمان هينئر به غلامي جو شڪار آهن. هن چيو ته اسان کي قراردادن ک?? اختيار ڪرڻ کان اڳتي وڌي انهن تڪرارن جي مستقل حل جي لاءِ ٺوس قدم کڻڻ گهرجن.