اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان چيو آهي ته هٿياربند فوج ملڪ جي دفاع جي مڪمل صلاحيت رکي ٿي، پاڪستان ڏانهن جنهن ميري اک سان ڏٺو ت?? ان کي تمام گهڻ?? نقصان کڻڻو پوندو، چيني ساخته جديد جنگي جهاز خطي ۾ سيڪيورٽي عدم توازن کي ختم ڪرڻ لاءِ اسان جي دفاعي نظام ۾ هڪ تمام وڏو اضافو آ??ي، جيئن جيئن آمدني وڌندي غربت ۾ گهٽتائي ۽ دفاع کي وڌيڪ مضبوط بڻائينداسين، معيشت مضبوط ٿي رهي آ??ي، ملڪ جو رخ درست آ??ي، نظام کي ٺيڪ ڪري رهيا آهيون، ٻاهر ويٺل پنهنجي باصلاحيت ماڻهن کي واپس آڻي انهن جي خدمتن مان فائدو کڻنداسين. هن اهڙن خيالن جو اظهار پاڪ فضائيه ۾ جديد ترين جنگي جهازن جي 10 سي جي شموليت جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو، تقريب ۾ دفاع وارو وزير پرويز خٽڪ، پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي،اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين،دفاعي پيداوار واري وفاقي وزير زبيده جلال، منصوبابندي وارو وفاقي وزير اسد عمر، وزيرا??ظم جو خاص مددگار شهباز گل، بري فوج جو سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه، پاڪ بحريه جو سربراهه امجد نيازي ۽ پاڪ فضائيه جو سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو ۽ پاڪستان ۾ چين جو سفير نونگ رونگ به موجود هئا. وزيرا??ظم چيو ت?? تقريبن 40 سال اڳ پاڪ فضائيه ۾ ايف – 16 جنگي جهاز جڏهن شامل ڪيا ويا هئا ته ملڪ ۾ خوشي ڇائنجي وئي هئي ته اسان جديد جهازن ۽ ٽيڪنالاجي جي ذريعي پنهنجي ملڪ جو دفاع ڪري سگهون ٿا، هاڻي جي ٽين سي جنگي جهازن جي شموليت تي سڄي قوم کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، بدقسمتي سان ننڍي کنڊ ۾ عدم توازن پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ان سيڪيورٽي عدم توازن کي ختم ڪرڻ لاءِ اسان جي دفاعي نظام ۾ هڪ تمام وڏو اضافو ٿيو آ??ي، چين جو خاص طور تي ٿورو ادا ڪريان ٿو ت?? ان 8 مهينن جي رڪارڊ مدي ۾ اهي جنگي جهاز اسان کي فراهم ڪيا آهن، وزيرا??ظم چيو ت?? اسان جي هٿياربند فوج ۾ هڪ جديد سوچ اچي چڪي آ??ي، مستقبل جي وار فيئر ۾ ٽيڪنالاجي تي خاص طور تي زور ڏنو ويندو. ملڪي ٽيڪنالاجي کي فروغ ڏئي ڪري اسان پنهنجي ملڪ کي ترقي ڏئي سگهون ٿا، ان جي لاءِ اسان ٽيڪنالاجي زون قائم ڪيو آ??ي، هڪ يونيورسٽي به ٺاهي رهيا آهيون، جتي جديد ٽيڪنالاجي جي سهولت هوندي، وزيرا??ظم چيو ت?? پاڪستان ان لحاظ کان خوش قسمت آهي ته هر شعبي ۾ باصلاحيت ماڻهو موجود آهن، پر ان مان ڪيترائي اڃان ملڪ کان ٻاهر آهن، جيئن جيئن معيشت مضبوط ٿي رهي آهي ملڪ اڳتي وڌي رهيو آ??ي، اسان جو رخ درست ٿي رهيو آ??ي، اسان نظام کي ٺيڪ ڪري رهيا اهيون، انشاءُ الله اهو سڄو ٽئلينٽ به اسان کي دستياب ٿيندو، اسان ملڪ ۾ هر قسم جو معياري ادارو ٺاهي سگهون ٿا، جيئن جيئن ملڪ ترقي ڪندو اسان ٻاهر ويٺل پنهنجي باصلاحيت ماڻهن کي واپس آڻي سگهنداسين، وزيرا??ظم چيو ت?? قوم پاران پنهنجي هٿياربند فوج کي پيغام آهي ته اسان کي پنهنجي هٿياربند فوج تي پورو اعتماد آهي ته هو ملڪ جو دفاع ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي ۽ جيڪڏهن ڪو به پاڪستان ڏانهن ميري اک سان ڏسندو ت?? ان کي پتو هجڻ گهرجي ته ان کي تمام گهڻ?? نقصان کڻڻو پوندو. وزيرا??ظم چيو ت?? پلواما کانپوءِ جڏهن بالاڪوٽ تي حملو ٿيو ان کانپوءِ پاڪستان جهڙي طرح جو رد عمل ڏيکاريو ان سان سڄي دنيا کي اهو پيغام ملي ويو ت?? اسان پنهنجي حفاظت ڪرڻ جي پوري صلاحيت رکون ٿا، جڏهن قوم هٿياربند فوج جي پويان بيهي ته ان جي طاقت بڻجندي آهي جڏهن قوم ۽ هٿياربند فوج جي سوچ هڪ هجي ته پوءِ اها مضبوط ٿيندي آ??ي، وزيرا??ظم چيو ت?? دهشتگردي جي خلاف اسان تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن ۽ هڪ مشڪل جنگ وڙهي آ??ي، عراق ۽ شام جا مثال اسان جي سامهون آهن ته اتي ڇا ٿيو، ملڪ تباهه ٿي ويندا آهن، پرا سان جي هٿياربند فوج ۽ عوام جهڙي طرح حالتن کي منهن ڏنو دنيا کي ان مان خبر پئجي وئي آهي ته پاڪستان پنهنجي حفاظت ڪري سگهي ٿو، جنگي جهازن جي فضائي مظاهري سان مون کي يقين ٿي ويو آهي ته ڪو به اسان جي مٿان ڪنهن به قسم جو ڪو به دٻاءُ نٿو وجهي سگ??ي، آزاد ملڪ صرف ان صورت ۾ آزاد ۽ خوددار رهي سگهي ٿو جڏهن هو پنهنجي حفاظت ڪري سگ??ي، وزيرا??ظم چيو ت?? ملڪ ۾ رڪارڊ ٽيڪس وصولي ٿي آ??ي، جهڙي طرح اسان جي ٽيڪس وصولي ۽ روانگي واپار وڌي رهيو آ??ي، مٽاسٽا جي ناڻي ۾ اضافو ٿي رهيو آهي ۽ آمدني وڌي رهي آهي جيئن جيئن اسان جي آمدني وڌندي ته اسان ٻن معاملن تي وڌيڪ خرچ ڪنداسين، اسان جي پهرين ترجيح ملڪ ۾ غربت گهٽ ڪرڻ آهي ۽ غريب طبقي تي خرچ ڪرڻ آ??ي، ترقي يافته ملڪ ۾ به يونيورسل هيلٿ ڪوريج ناهي ڏني ويندي، اسان 10 لک روپين جي هيلٿ انشورنس ڏئي رهيا آهيون، احساس پروگرام شروع ڪيو آ??ي، جيئن جيئن آمدني وڌندي دفاع کي وڌيڪ مضبوط بڻائينداسين، اصل طاقت اها هوندي آهي ته جنگ وڙهڻي ئي نه پوي ۽ دشمن کي خبر هجي ته ان وٽ پنهنجي تياري آهي ته جيڪڏهن هو جارحيت ڪندو ت?? ان کي تمام وڏ?? نقصان ٿيندو، غربت ۾ گهٽتائي ۽ دفاع کي مضبوط بڻائڻ اسان جي بجيٽ ترجيحن ۾ شامل هوندو، تقريب کي پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر به خطاب ڪيو. ان کان اڳ منهاس ايئر بيس ڪامره اچڻ تي پاڪ فضائيه جي سربراهه وزيرا??ظم عمران خان ۽ وفاقي وزيرن جي آجيان ڪئي، وزيرا??ظم گارڊ آف آنر جو معائنو ڪيو، پاڪ فضائيه جي دستي کيس سلامي پيش ڪئي، بعد ۾ وزيرا??ظم جي ٽين سي جنگي جهازن جو معائنو به ڪيو ۽ انهن جهازن ۾ استعمال ٿيندڙ ٽيڪنالاجي ۽ ان جي خصوصيتن جي حوالي سان معلومات حاصل ڪئي.