اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) سيني?? چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سان آزاد ڪشمير جي اڳوڻي صدر ۽ آمريڪا لاءِ پاڪستان جي ن??مز?? سفير سردار مسعود خان پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب سيني?? چيئرمين آمريڪا ۾ سفير طور ن??مز??گي تي سردار مسعود خان کي مبارڪابد ڏني، سيني?? چيئرمين ان موقعي تي چيو ته پاڪستان آمريڪا سان ٻطرفي، وسيع البنياد ۽ گهڻ رخي لاڳاپن جو خواهشمند آهي،
سيني?? چيئرمين چيو ته ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته موثر سفارتڪاري جي ذريعي دنيا جو ڌيان پاڪستان ۾ موجود سيڙپڪاري جي ميسر وسيع موقعن طرف ڇڪرايو وڃي، هن اميد ظاهر ڪئي ته سردار مسعود خان جهڙي تجربيڪار سفارتڪار جي مقرري سان پاڪ آمريڪا لاڳاپن ۾ وڌ??ڪ بهتري ايندي. سردار مسعود خان سيني?? چيئرمين سان سندس ڏاڏيءِ ۽ ننڍي ڀاءُ جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو، آمريڪا لاءِ ن??مز?? سفير سردار مسعود خان سيني?? چيئرمين جو ٿورو ادا ڪيو ۽ عالمي سطح تي پاڪستان جي موثر طريقي سان نمائندگي جي عزم کي ورجايو.