اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت عوام لاءِ صحت، تعليم، سستي ره??ئش، سماجي تحفظ ۽ صاف پاڻي ??هڙين بنيادي سهولتن جي فراهمي جي منصوبن جي تڪميل ترجيحي بنيادن تي يقيني بڻائي رهي آهي. اها ڳالهه هن پنجاب جي گورنر چوڌري سرور سان ڳالهائيندي چئي جنه?? ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب ملاقات ۾ آبِ پاڪ اٿارٽي ۽ سڄي صوبي ۾ جاري ترقياتي منصوبن ۾ اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.