اسلام آباد – 15 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمو?? قريشي چيو آهي ته افغان??تا?? جي معاشي تباهي واضح ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي، بحران سان نه رڳو پاڪ??تا?? پر سڄو خ??و متاثر ٿيندو، ترڪي، ايران، انڊونيشا، ملائيشيا ۽ ٻيا عرب ملڪ او آءِ سي جي ميمبر آفريقي ملڪ ان ڪانفرنس ۾ شرڪت جو اشارو ڏنو ويو آهي. اسان او آءِ سي ملڪن کانسواءِ سلامتي ڪائونسل جي پنج مستقل ميمبرن، اهم يورپي ملڪن ۽ گڏيل قومن جي تنظيمن جي نمائندن کي به ان اجلاس ۾ گهرايو آهي. او آءِ سي پرڏيهي وزير ڪائونسل جي غير معمولي اجلاس جي حوالي سان هڪ بيان ۾ پرڏيهي وزير چيو ته 19 ڊسمبر تي اسلام آباد ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزير ڪائونسل جي اجلاس جي واحد ايجنڊا افغان??تا?? جي صورتحال هوندي، آئون اڄ دنيا کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته جيڪڏهن افغان??تا?? جي صورتحال تي سنجيدگي جو مظاهرو نه ڪ??و ويو ته افغان??تا?? ۾ اڀرندڙ انساني بحران سنگين صورتحال اختيار ڪري سگهي ٿو. افغان??تا?? جي معاشي بربادي واضح ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي، ان بحران سان نه رڳو پاڪ??تا?? پر سڄو خ??و متاثر ٿيندو. دنيا کي افغان??تا?? جي معاملن ۾ فوري مداخلت ڪرڻي پوندي، شاهه محمو?? قريشي چيو ته اڄ گڏيل قومون عالمي بئنڪ، آءِ ايم ايف، اسان جي ڳالهه ورجائي رهيو آهي، هو چئي رهيا آهن ته جيڪڏهن افغان??تا?? تي لڳل پابندين تي نظرثاني نه ڪئي وئي ۽ افغانين کي فوري طور تي امداد نه پهچائي وئي ته تمام ??ڏو بحران پيدا ٿي سگهي ٿو. افغان??تا?? ۾ ڪو بئنڪنگ نظام نه آهي، عالمي ادارا چئي رهيا آهن ته جيڪڏهن فوري ڌيان نه ڏنو ويو ته 2022ع جي وچ ڌاري 97 سيڪڙو افغان غربت جي سطح کان هيٺ هوندا، هن چيو ته هن وقت 95 سيڪڙو افغانين وٽ کائڻ پيئڻ لاءِ ڪجهه نه آهي اسان پنهنجي ذميداري نڀائي رهيا آهيون، پر پاڪ??تا?? اڪيلو اها ذميداري نٿو کڻي سگهي، فوري فيصلا نه ڪيا ويا ته ??ڏو بحران ايندو. پرڏيهي وزير چيو ته اسلام آباد ۾ اجلاس جو مقصد دنيا کي افغان صورتحال کان باور ڪرائڻ آهي، مناسب هوندو افغان اٿارٽي جو موقف به سامهون رک??و وڃي، پرڏيهي وزير خبردار ڪيو ته دنيا کي افغان??تا?? جي معاملن ۾ فوري مداخلت ڪرڻي پوندي ۽ افغان??تا?? کي انساني بحران کان بچائڻو پوندو. افغان??تا?? ۾ انساني بحران جا پاڪ??تا?? تي اثر پوندا. پرڏيهي وزير چيو ته 40 لک افغان پناهگيرن جي اڄ به خدمت ڪري رهيو آهي، وڌيڪ افغان پناهگيرن جو بار کڻڻ جي سگهه نه آهي. شاهه محمو?? قريشي چيو ته گڏيل قومن جو جنرل سيڪريٽري افغان??تا?? جي انساني مدد لاءِ ”فليش ايپل“ دنيا جي سامهون رکي، مخدوم شاهه محمو?? قريشي چيو ته افغان??تا?? ۾ خدا نه ڪري جيڪڏهن انساني بحران پيدا ٿئي ٿو ته ان جي ان نتيجي ۾ افغان پناهگيرن جي هڪ يلغار سامهون اچي سگهي ٿي، افغان??تا?? ۾ صورتحال خراب ٿيڻ سان دهشتگردن کي وڌڻ ويجهڻ جو موقعو ملي ويندو، دهشتگردي جي خلاف ڪيل ڪوششون ضايع ٿي وينديون، ضروري شيون افغان??تا?? جو رخ ڪنديون ته پاڪ??تا?? ۾ مهانگائي وڌيڪ وڌندي.