اسلام آباد – 25 – ن??مب?? (اي پي پي) پاڪستان ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جعلي مقابلن ۽ نام نهاد ”ڪريڪ ڊائون ۽ گه?? گه?? تلاشي“ ڪاررواين جي ڀارتي رياستي دهشتگردي ۽ بي پناهه ڪشميرين جو عدالت کان مٿانهون قتل جي شديد مذمت ڪئي آهي ۽ عالمي برادري کان مطالبو ڪي?? آهي ته هو والاريل ڪ??مير ۾ بي گناهه ڪشميرين جي عدالت کان مٿانهين قتل ۽ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي لاءِ ڀارت کي جو??بده بڻائڻ ۽ ڪشمير تڪرار جي پرامن ۽ پائيدار حل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز پاران عدالت کان مٿانهين قتل جي شديد مذمت ڪندي چيو ته ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ٻن مهينن کان وڌيڪ عرصي ۾ ڀارتي قابض فوج 35 بي گناهه ڪشميرين کي شهيد ڪي?? جڏهن ته سرينگر ۾ 24 ن??مب?? تي هڪ جعلي مقابلي ۾ وڌيڪ ٽن ڪشميرين کي شهيد ڪي?? ويو آهي، ترجمان چيو ته ڀارتي قابض فوج ڪشميرين جي خلاف سنگين ڏوهن جو ارتڪاب ڪري رهي آهي جنهن ۾ جبري گمشدگيون، ٽارگيٽ ۽ عدالت کان مٿانهون قتل ۽ آبادي کي اجتماعي سزائون ڏيڻ شامل آهي. والاريل ڪ??مير ۾ بي شرمي سان جاري ڀارتي رياستي دهشتگردي ۽ وحشياڻي طاقت جي استعمال سان ڪشميري عوام کي پنهنجي خودمختياري جي نڇڏ حق لاءِ جدوجهد کان روڪي نٿا سگهن. ترجمان چيو ته هن سال سيپتمبر ۾ پاڪستان پاران ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي قابض فوج پاران انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين ۽ انسانيت جي خلاف ڏوهن جي ناقابل ترديد ثبوتن بابت جامع ڊوزيئر عالمي برادري کي پيش ڪي?? ويو آهي، پاڪستان عالمي برادري کي مطالبو ڪي?? آهي ته هو ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ معصوم ڪشميرين جي انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين لاءِ ڀارت کي جو??بده بڻائي، والاريل علائقي ۾ بگڙجندڙ صورتحال خطي ۾ امن ۽ سلامتي لاءِ خطرو آهي، پاڪستان عالمي برادري تي به زور ڏنو ته هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي پرامن ۽ پائيدار حل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.