اسلام آباد – 19 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته دنيا جو مستقبل انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ سائبر صلاحيتن سان واڳيل آهي، يونيورسٽيون ملڪ جو سائبر دفاع مضبوط بڻائڻ جي لاءِ سائبر سيڪيورٽي جي شعبي تي خاص ڌيان ڏين، ملڪ ۾ آءِ ٽي شاگردن جو انگ وڌائڻ جي ضرورت آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار نيشنل يوينورسٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي (نسٽ) جي بريفنگ دوران ڪيو. هن چ??و ته ملڪي ترقي ۽ مارڪيٽ جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ يونيورسٽي گريجوئيٽس جو انگ وڌائڻو پوندو. ڊاڪٽر عارف علوي چ??و ته يونيورسٽيون آن لائين تعليمي مواد جي ڪاٿي ۾ اضافي ۽ تحقيقي منصوبن ۾ عالمي يونيورسٽين سان حصيداري قائم ڪن. پ??و ريڪٽر نسٽ ايئر وائيس مارشل ڊاڪٽر رضوان رياض صدر کي يونيورسٽي بابت بريفنگ ڏني. صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي بريفنگ دوران ٻڌايو و??و ته نسٽ جي 8 ڪئمپسز ۾ 18 هزار ک??ن وڌيڪ شاگرد تعليم هيٺ آهن. نسٽ انجنيئرنگ، آءِ ٽي، بائيو ۽ سوشل سائنسز ۾ تعليم مهيا ڪري رهي آهي. صدر معياري تعليم جي فراهمي ۾ يونيورسٽي انتظاميا جي ڪردار کي ساراهيو.