اسلام آباد – 24 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايوان صدر جي اڱڻ ۾ مياواڪي جي ٻيلي جو افتتاح ڪيو آهي. ايوان صدر جي مياواڪي ٻيلي ۾ 4 هزار کان وڌيڪ ٻوٽا لڳايا ويا آهن. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ ??وج?? مياواڪي جا ٻوٽا صدر جي گرين پ??يزيڊنسي قدمن تحت ??ڳايا ويا آهن، ٻيلي لڳائڻ جو مقصد زمين جو بهتر استعمال ۽ ماحولياتي آلودگي کان بچاءُ آهي، مياواڪي جي منصوبي کي ڊرپ آبپاشي جي نظام جي ذريعي پاڻي جي فراهمي ڪئي ويندي.