اسلام آباد – 12 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان افغانستان ج?? فوري طور تي انساني همدردي جي بنياد تي امداد جي فراهمي سان گڏوگڏ معاشي تباهي ۽ انساني بحران ج?? چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ معاشي مدد تي زور ??ين??ي اميد ظاهر ڪئي آهي ته عالمي برادري صورتحال جي سنگيني جو ادراڪ ڪندي ۽ افغان عوام جي مشڪلاتن ج?? خاتمي ۾ مدد جي لاءِ منجمند اثاثن کي فوري طور تي جاري ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٽرائيڪا پلس جي خصوصي ن??ائندن سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان ٽرائيڪا پلس (چين، روس، آمريڪا ۽ پاڪستان) جي خصوصي ن??ائندن ملاقات ڪئي. وزيراعظم عمران خان ٽرائيڪا پلس جي اهميت تي زور ??ين??ي اسلام آباد ۾ افغانستان ج?? صورتحال ۽ درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اڳڀرائي بابت ڪامياب اجلاس منعقد ڪرڻ تي خصوصي ن??ائندن کي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم عمران خان پوري خطي جي سلامتي ۽ خوشحالي جي لاءِ افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم چيو ته هو مسلسل ان ڳالهه تي زور ??ين??و رهيو آهي ته افغانستان جو ڪو فوجي حل نه آهي، اهڙي طرح پاڪستان ??مو??ين ڌرين ج?? شموليت تي ٻڌل سياسي حل جي حمايت ڪئي آهي، تبديل ٿيندڙ صورتحال جي ڏس ۾ وزيراعظم شموليت، انساني حقن ج?? احترام ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي پرعزم قدمن تي زور ڏنو. وزيراعظم گڏيل خدشن کي منهن ڏيڻ ۽ ٽرائيڪا پلس ملڪن ج?? گڏيل مفاد جي فروغ لاءِ افغانستان ۾ عالمي برادري جي عملي سوچ ۽ تعميري ڳالهين ج?? اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم فوري طور تي انساني همدردي جي بنياد تي امداد جي فراهمي سان گڏوگڏ معاشي تباهي ۽ انساني بحران ج?? چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ افغانستان ج?? معاشي مدد تي زور ڏنو. هن اميد ظاهر ڪئي ته عالمي برادري صورتحال جي سنگيني جو ادراڪ ڪندي ۽ افغان عوام جي مشڪلاتن ج?? خاتمي ۾ مدد جي لاءِ منجمند اثاثن کي فوري طور تي جاري ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻندي. وزيراعظم ان ڏس ۾ ٽرائيڪا پلس جي اهم ڪردار کي اجاگر ڪيو.