اسلام آباد – 21 آ??سٽ (اي پي پي) اسلامي ملڪن جي ??نظيم (او آءِ سي) 22 آگسٽ (اڄ) آچر ڏينهن سعودي عرب جي ??هر جده ۾ او آءِ سي جو غيرمعمولي ايگزيڪيوٽو اجلاس طلب ڪيو آهي. اجلاس ۾ افغانستان جي ??ورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. او آءِ سي جي ??يڪريٽري ج??رل يوسف بن احمد العثيمين پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي کي ٻڌايو ته افغانستان ۾ تيزي سان تبديل ٿيندڙ صورتحال تي غور ڪرڻ جي لاءِ سفيرن ۽ مستقل نمائندن جو اجلاس ٿيندو. پرڏيهي آفيس هڪ بيان ۾ چيو ته پرڏيهي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان افغانستان ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جي فروغ ۾ پنهنجو تعميري ڪردار ادا ڪندو رهندو. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته افغان پارٽيون هڪ ٺوس سياسي حل جي لاءِ ڪم ڪنديون. هن وڌيڪ چيو ته ڪابل ۾ ڳالهين جي ڪاميابي سان نه رڳو افغانستان پر خطي کي به فائدو ٿيندو. پرڏيهي وزير افغان عوام جي ??قن ۽ تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي ??هميت تي زور ڏنو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته عالمي برادري جي لاءِ ضروري آهي ته اها افغانستان سان مصروف رهي جنهن ۾ ملڪي معيشت، نئين سر تعمير، بحالي ۽ انساني ضرورتن کي سپورٽ ڪرڻ شامل آهي. هن وڌيڪ چيو ته مسلمان امت جي لا??ِ پرامن، متحد، مستحڪم ۽ خوشحال افغانستان جي ڳولا ۾ افغان عوام سان پنهنجي ??وايتي يڪجهتي ظاهر ڪرڻ به ضروري آهي. هڪ ٺوس حڪومت قائم ڪرڻ جي ڪوششن جي ??هميت تي ڳالهائيندي پرڏيهي وزير افغانستان جي ??ندر ۽ ٻاهر حالتون خراب ڪندڙن بابت خبردار ڪيو جيڪي ملڪ جي ??ورتحال جو فائدو کڻڻ چاهين ٿا. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي افعانستان مان سفارتي مشنز، عالمي تنظيمن، ميڊيا ۽ ٻين ماڻهن جي نڪرڻ ۽ چرپر ۾ پاڪستان جي ڪردار کي اجاگر ڪيو. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته ڪابل ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿينديون جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ٺوس ۽ حصيدار حڪومت ٺهندي جيڪا افغانستان ۾ پائيدار امن، ترقي ۽ خوشحالي آڻيندي.