??سل??م آباد – 27 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي صدر ولڪن بوزڪر ملا??ات ڪئي ۽ علائقائي ۽ عالمي امن، سلامتي ۽ گڏيل قومن جي ايجنڊا ??ي موجود فلسطين ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جهڙن اهم تڪرارن، افعان امن عمل، ڏوهن، بدعنواني ۽ رشوت جي آمدني جي غير قانوني منتقلي، پائيدار ترقي ۽ ڪووڊ – 19 و??ا جي ڏس ۾ اقتصادي بحالي جي ڪوششن بابت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان فلسطين مسئلي تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي خصوصي اجلاس گهرائڻ جي جنرل اسيمبلي جي صدر جي ڪردار کي ??اراهيو ۽ چيو ته جنگ بندي جي اعلان کانپوءِ امن عمل جي بحالي ۽ گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن ۽ رياستي ويزن موجب فلسطين مسئلي جي منصفاڻي ۽ ڊگهي حل لاءِ قدم کڻڻ گهرجن، وزيراعظم ماحولياتي تبديلي ۽ ماحوليا??ي مسئلن جي حل لاءِ گڏيل قومن تحت عالمي تعاون وڌائڻ ۽ اسرندڙ ملڪن جي مدد لاءِ قرض ۾ رليف، اقتصادي بحالي جي ڪوششن ۽ 2030ع تائين پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ جي ضرورت کي ??جاگر ڪيو. ولڪن بوز وزيراعظم کي ??هم عالمي سياسي، سماجي ۽ اقتصادي مسئلن جي حل لاءِ جنرل اسيمبلي جي پنهنجي صدارت جي مدي دوران ڪيل مختلف قدمن جي باري ۾ آگاهه ڪيو.