اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز هرنائي بلوچستان ۾ ايف سي چيڪ پوسٽ تي دهشتگردن جي فائرنگ جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردن جون بزدلاڻيون ڪارروايون قوم جي حوصلي کي ڪمزور نه ٿيون ڪري سگهن. پن??نجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته بلوچستان ۾ دهشتگردن جي بزدلاڻي حملي جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا جن پن??نجي فرضن جي ادائيگي دوران پن??نجي جانين جا نذرانا پي?? ڪيا.