اسلام آباد – 28 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم چيو آهي ته مون تي ڪو به دٻاءُ نه ٿو وجهي سگهي، مون کي ڪرسيءَ سان چنبڙڻ جو ڪو به ش??ق نه آهي دٻاءُ اهي قبول ڪندا آ??ن جيڪي ڪرسيءَ سان چنبڙيل هوندا آ??ن، سنڌ جي ٻيٽن جي حوالي سان غلط پروپئگنڊه ڪئي پئي وڃي، پنجاب جو گندو پاڻي سنڌ ڏانهن وڃي ٿو جنهن ۾ 70 کان 80 سيڪڙو سنکيو آهي، ان گندي پاڻي کي روڪڻ جي لاءِ راوي ش??ر اڏيو پيو وڃي. نجي ٽي وي چينل کي خصوصي انٽرويو ڏيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته 40 سالن کان ميڊيا ۾ آهيان، ڪو پاڪستاني ايتري دير ميڊيا ۾ ناهي رهيو، ڪرڪيٽ کانپوءِ سياست ۾ ميڊيا ۾ رهيو آهيان، تنقيد معاشري جو حصو آهي، انسان جي سچ جي اڳتي وڌ?? ۾ اظهار راءِ جي آزادي جو سڀ کان وڏو هٿ آهي.