اسلام آباد – 10 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ه??اي?? ڪئي آهي ته ٽارگيٽيڊ سبسڊي جو اهڙو طريقيڪار جوڙيو وڃي ??نه?? جو فائدو خاص ط??ر تي غريب طبقي ۽ پٺتي پيل علائقن کي ملي، ان حوالي سان ٺوس منصوبو عملدرآمد جي مدي سميت پيش ڪيو وڃي. هو وفاقي ڪابينا جي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو ??و. ??وڳاڙين واري خاص معاون ڊاڪٽر وقار مسعود ڪابينا کي سبسڊي ۽ گرانٽس جي طريقيڪار کي معقول بڻائڻ بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب اجلاس ۾ ڪابينا کي گذريل 13 سالن جي اوڳاڙين ۽ خرچن، سبسڊي ۽ گرانٽس جو تقابلي جائزو پيش ڪيو ويو.