اسلام آباد – 10 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان ڪامياب جوان يوٿ انٽر پرينيورشپ اسڪيم تحت نوجوانن کي آسان قرضن جي فراهمي جي حوالي سان سڄي ملڪ جي بئنڪن جي صدرن ۽ سربراهن ملاقات ڪئي آهي. ملاقات ۾ ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، سڌارن واري صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسي??، نوجوانن جي معاملن واري خاص معاون محمد عثمان ??ار ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر پڻ شرڪت ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري هڪ پڌرائي موجب نوجوانن جي معاملن واري خاص معاون پاران ڪامياب جوان يوٿ انٽر پرينيورشپ اسڪيم تحت نوجوانن کي آسان قرضن جي فراهمي جي حوالي سان اجلاس کي ٻڌايو ويو ته حڪومت نوجوانن کي ڪار??با?? جا بهتر موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ ٽن سالن جي لاءِ سئو ارب رپيا رک??ا آهن. ان حوالي سان هيستائين 4 لک 70 هزار درخواستون ملي چڪيون آهن جن جي وقت سر ڇنڊڇاڻ ڪ??ي قرضن جي فراهمي جو سلسلو جاري آهي.