اسلام آباد – 29 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪراچي جي مسئلن جي حل لاءِ وف??قي ۽ صوبائي حڪومت جي تعاون جي مثبت اڳڀرائي کي ساراهيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي وزيراعظم عمران ??ان طرفان ??راچي جي مسئلن جي حل لاءِ ان ??ان اڳ ڪيل ٽوئيٽس جي باري ۾ چيو ته وف??قي ۽ سنڌ جي صوبائي حڪومت جي وچ ۾ سهڪار جو فيصلو مثبت اڳڀرائي آهي، هن چيو ته ان فيصلي سان سانوڻي جي برسات س??ب ڪراچي ۾ موجود بحران جي حل ۾ مدد ملندي پر ان سان مستقبل جي منصوبابندي ۾ به مدد ملندي، صدر چيو ته ان مثبت اڳڀرائي ۽ وف??قي ۽ صوبائي حڪومتن جي وچ ۾ گڏيل تعاون ۽ موجوده شديد ترين بحران تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي ??ڏهن ته مستقبل ۾ پاڻي جي نيڪاسي جي نالن، سيوريج ٽريٽمينٽ، سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ، صاف پاڻي جي فراهمي ۽ ٽرانسپورٽ سميت ٻين سهولتن جي فراهمي لاءِ گڏيل فيصلا ڪري سگهبا.