اسلام آباد – 10 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان ??ڏي?? قومن جي جنرل اسيمبلي جي 75 هين اجلاس جي نئين چونڊيل صدر وولڪن بوذڪر ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان وولڪن بوذڪر کي ??ڏي?? قومن جي 75 هين تاريخي اجلاس جو صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني. ملاقات ۾ وزيراعظم کيس ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي سنگين صورتحال کان آگاهه ڪيو ۽ چيو ته اهو تڪرار 7 ڏهاڪن کان ??ڏي?? قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا تي آهي. وزيراعظم 5 آگسٽ 2019ع کان ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ بنيادي ۽ انساني حقن ج?? وڏي پئماني تي ۽ منظم انداز سان ڪيل خلاف ورزين ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي صورتحال ۽ ڀارت پاران علائقي جي ڊيموگرافڪ اسٽرڪچر کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش بابت پڻ آگاهه ڪ??و. ??ن زور ڏنو ته ??ڏي?? قومون ان سنگين صورتحال ۽ ??ڏي?? قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشميري عوام کي انهن جي خودمختياري جو هق ڏيارڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. وزيراعظم کيس ڪوويڊ 19 جي وبا جي معاشي ۽ سماجي اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پنهنجي حڪومت پاران کنيل قدمن، جنهن جو مقصد عوام جي ??ند??ي بچائڻ سان گڏ انهن کي ??ند??ي جون ضرورتون فراهم ڪرڻ ۽ معيشت جو ڦيٿو هلائڻ پڻ هو بابت پڻ آگاهه ڪ??و. ??ن ٻڌايو ته سندس حڪومت معاشري جي ضرورتمند ۽ مستحق طبقن جي لاءِ 8 ارب ڊالر امدادي پئڪيج ڏنو. اهو پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪنهن حڪومت پاران ڏنو ويندڙ سڀ کان وڏو سماجي تحفظ جو پئڪيج هو.