اسلام آباد – 26 فيبروري (اي ??ي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڀارتي جارحيت جو پاڪستان جي هٿياربند فوج جهڙي طرح جواب ڏنو ان کي دنيا ياد رکندي، ڀارت آر ايس ايس جي نفرت ۽ شيطانيت تي ٻڌل هند??وا نازي نسل پرستاڻي نظريي تي عمل ڪري رهيو آهي، ڀارتي قدمن سان ڏک?? ايشيا جو امن خطري ۾ پئجي ويو آهي، 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت گڏيل قومن جي قراردادن ۽ شملا معاهدي ??ي خلاف ورزي ڪندي آرٽيڪل 370 اي ??ي خاتمي جو هڪطرفو قدم کنيو، والاريل ڪشمير جا 80 لک ماڻهو 9 لک ڀارتي فوج هٿان يرغمال آهن، مودي حڪومت 20 ڪروڙ مسلمانن کي نشانو بڻائي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن 26 فيبروري 2019ع جي ڀارتي جارحيت جو هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.