اسلام آباد – 11 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات جي خاص مددگار ڊڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان لاهور واقعي تي 24 ڪلاڪن ۾ ذميدارن جي تعين ??ان گڏوگڏ حقيقتن تي ٻڌل رپورٽ طلب ڪئي آهي، ڊاڪٽرن، پيراميڊيڪل اسٽاف، وڪيلن سم??ت ڪو به طاقتور ذميدار قرار ڏنو ويو ته ان جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، هو اي پي پي ايمپلائيز يونين (سي بي اي) طرفان پنهنجي اعزاز ۾ ??نل آجياڻي کي خطاب ۽ صحافين ??ان ڳالهائي رهي هئي.