اسلام آباد – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) نا??ب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر ??حم?? اسحاق ڊار 21 کان 26 آڪٽوبر تائين ساموا ۾ ٿيندڙ دولت مشت??ڪه جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نا??ب وزيراعظم دولت مشت??ڪه جي اجلاس ۾ اهم عالمي مسئلن ۽ چئلينجز تي پاڪستان جو موقف پيش ڪندو ۽ موسمياتي تبديلي، اقتصادي ترقي ۽ دولت مشت??ڪه جي برادري ۾ عالمي تعاون کي مضبوط بڻائڻ تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ??حم?? اسحاق ڊار جو ڪامن ويلٿ بزنس فورم ۾ ”ٽرانسفارمنگ اوور ورڪ فورس“ ۾ پنهنجي اهم خطاب ۾ نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ، هنر جي ترقي ۽ ڊيجيٽل تبديلي تي پاڪستان جي ڪردار کي اجاگر ڪندو. نا??ب وزيراعظم دولت مشت??ڪه جي ٻين ميمبر ملڪن جي وفدن جي سربراهن سان به ملاقات ڪندو. بيان موجب دولت مشت??ڪه جي 2024ع جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس ۾ پاڪستان شرڪت دولت مشت??ڪه سان ان جي مسلسل ڳ??نڍاپي ۽ ننڍي پيسفڪ جزيرن جي ملڪن سان انهن جي لاڳاپن جي عڪاسي ڪري ٿو.