ڪراچي – 13 – آگسٽ (اي پي پي) سڄي ملڪ وانگر شهر قائد ۾ پڻ جشن آزادي شاندار طريقي سان ملهايو ويندو، ان حوالي سان شهر ۾ ڀرپور تي??ريون ڪيون ويون آهن، جڳهه جڳهه تي اسٽالز لڳايا ويا آهن جتي شهرين جو وڏو انگ قومي جهنڊا، بيجز خريد ڪرڻ س??ن گڏوگڏ آزادي جي ڏهاڙي جي مناسبت سان ٻارن جي لاءِ پڻ خريداري ڪري رهيا آهن. شهرين گهرن ۽ گاڏين تي پڻ قومي جهنڊا لڳايا آهن. شهر ??ي مختلف تعليمي ادارن س??ن گڏوگڏ مختلف ايسوسيئيشنز ۽ تنظيمن آزادي جي ڏهاڙي جي خوشي ۾ ڪيڪ ڪاٽڻ ۽ پرچم ڪشائي جون تقريبون منعقد ڪرڻ جا پروگرامز ٺاهيا آهن.