اسلام آباد – 13 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ??ي پهرين چونڊيل وزيراعظم شهيد لياقت علي خان کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف ٻيو چونڊيل وزيراعظم بڻجي ??يو آهي جيڪو پاڪستان قائم ٿيڻ جا 75 سال مڪمل ٿيڻ تي انتهائي منفرد انداز ۾ ٻيهر رڪارڊ ڪيل قومي تراني جي اجراءَ جو سڀاڻي 14 آگسٽ تي افتتاح ڪندو. پاڪستان قائم ٿيڻ کانپوءِ پهريون ڀيرو ڊسمبر 1948ع ۾ سردار عبدالرب نشتر جي سربراهي ۾ پاڪستان ??ڪومت جي ڪميٽي قومي تراني جي تياري تي ڪم شروع ڪيو هو. احمد ڇاگلا جي تيار ڪيل ڌُن کي پهريون ڀيرو وزيراعظم لياقت علي خان ۽ ڪميٽي جي ??يمبرن آڏو پيش ڪيو ويو هو. قومي تراني ج?? لاءِ قائم اسٽيئرنگ ڪميٽي 10 آگسٽ 1950ع تي ان ڌُن جي ??نظوري ڏني. آگسٽ 1954ع ۾ حفيظ جالنڌري جي ??کيل ڪمپوزيشن کي باضابطا منظور ڪيو ويو. پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي گذريل حڪومت جي دور ۾ آگسٽ 2017ع ۾ قومي تراني کي ٻيهر رڪارڊ ڪرڻ جو سل??لو شروع ٿيو. ان مقصد ج?? لاءِ سمورين قومي اخبارن ۾ اشتهار شايع ڪيا ويا. مريم اورنگزيب اپريل 2022ع تي اطلاعات واري وزارت جو قلمدان ??نڀالڻ کانپوءِ ان منصوبي کي مڪمل ڪرڻ جو ڪم تيزي سان ??روع ڪيو. سينيٽر (ر) جاويد جبار جي سربراهي ۾ اسٽيئرنگ ڪميٽي جوڙي وئي جنهن جي ??اتحت آڊيو، ويزيول ذيلي ڪميٽيون جوڙيون ويون. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت سميت مختلف ادارن، کاتن ۽ وڏي انگ ۾ ماڻهن جي شموليت سان ??ها قومي ڪوشش مڪمل ٿي. هٿياربند فوج جي عوام?? لاڳاپن واري اداري (آءِ ايس پي آر) جي حصيداري سان ٽنهي هٿياربند فوج جي براس بينڊز (سازينه) پڻ ان قومي ڪوشش ۾ شامل هئا. ان ۾ 155 گلوڪارن، 48 موسيقارن ۽ 6 بينڊ ماسٽرز شرڪت ڪئي. خاص ڳالهه اها آهي ته قومي تراني کي نئين سازينه سان ??هترين عڪسبندي سان ??ڪارڊ ڪيو ويو آهي ۽ ان کي پاڪستان ??ي سمورن ثقافتي، تهذيبي ۽ علائقائي رنگن جي ??وس قزح بڻايو ويو آهي. اتحاد، اخوت ۽ علائقائي سڃاڻپن جو پيغام ڏنو ويو آهي.