ڪوئيٽا – 01 211; ??گسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قلعه سيف الله ۽ چمن جي ٻوڏ متاثر علائقن جي دوري کانپوءِ ڪوئيٽا ۾ هڪ اهم اجلاس جي صدارت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ وزيراعظم هڪ ڀيرو ٻيهر فوت ٿيندڙن جي وارثن کي معاوضي جي وقت سر ادائيگي جي هدايت ڪئي. وزيراعظم اها به هدايت ڪئي ته قلعه سيف الله ۾ ٻوڏ مت??ثر??ن جي امداد جي حوالي سان جيڪي ڪوتاهيون ٿيون ۽ جيڪي شڪايتون ٻڌڻ ۾ آيون اهي ورجايون نه وڃن. هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته مت??ثر??ن کي دوائون ۽ کاڌي پي??ي جون شيون ترجيحي بنيادن تي پهچايون وڃن. هن امدادي سامان جي فراهمي جي سمورن رڪارڊز کي محفوظ رکڻ جو پڻ حڪم ڏنو. بلوچستان جي وڏي وزير مير عبدالقدوس بزنجو دوري ۽ متاثر علائقن جو جائزو وٺڻ تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. هن خاطري ڪرائي ته صوبائي حڪومت وزيراعظم آفيس کي هر ممڪن طور تي امداد ۽ بحالي جي ڪمن کان آگاهه رکندي ۽ وزيراعظم جي هدايتن تي عملدرآمد يقيني بڻايو ويندو. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، منشيات جي خا??مي وارو وفاقي وزير نوابزاده شاهه زين بگٽي، دفاعي پي??اوار وارو وفاقي وزير اسرار ترين ۽ اين ڊي ايم اي جو چيئرمين موجود هئا.