اسلام آباد – 14 – جو?? (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي اڱاري تي ايران روانو ٿي ويو آهي. کيس دوري جي دعوت ايراني هم منصب ڊاڪٽر امير عبداللهيان ڏني آهي، پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي ايراني هم منصب سميت ٻين حڪومتي عهديدارن سان به مل??قا??ون ڪندو. پرڏيهي وزير پنهنجي ايراني هم منصب سان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو، پرڏيهي وزير جي حيثيت سان ايران جي پنهنجي په??ين دوري دوران بلاول ڀٽو زرداري ايراني صدر سان به مل??قا?? ڪندو، پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي ٿيندڙ ڳالهين دوران ٻطرفن لاڳاپن جي سڀني رخن جو جائزو ورتو ويندو. جنهن ۾ واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپا، ايران کان بجلي جي فراهمي، سرحدي غذائي منڊين، روڊ ۽ ريل رابطا ۽ زائ??ين جي سهولتن جي فراهمي شامل آهن. ڳالهين ۾ علائقائي سلامتي جي صورتحال جو جائزو به ورتو ويندو. خاص طور تي افغان سميت ڏکڻ ايشيا جي مجموعي صورتحال سان گڏوگڏ سلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ تي ڌيان ڏنو ويندو، پرڏيهي وزير سڀاڻي اربع ڏينهن مشهد جو دورو ڪندو، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جو ايران جو دورو ٻن ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطح جي گڏيل مٽاسٽا جو حصو آهي، اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته پاڪستان ۽ ايران گڏيل جاگرافيائي، ثقافتي وابستگين ۽ تاريخي رابطن جي بنياد تي ويجهي عوامي لاڳاپن سان جڙيل آهن.