اسلام آباد – 04 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف صدر ڊاڪٽر عارف علوي، آزاد ڪشمير جي وزيراعظم سردار تنوير الياس، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سميت سمورين اتحادي پارٽين جي اڳواڻن ۽ وڏن وزيرن کي ٽي??يف??ن تي عيدالفطر جي مبارڪباد ڏني آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي ٽي??يف??ن ڪئ??، کيس عيدالفطر جي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم سردار تنوير الياس کي ٽي??يف??ن ڪئ?? ۽ اهل ڄمون ۽ ڪشمير کي عيد جي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام تي عيد جي نماز جي اجتماعن تي پابندين جي مذمت ??ئي. هن ڪشميرين کي ريفرنڊم ملڻ تائين ڀرپور سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حم??يت جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف ٽي??يف??ن تي سنڌ، خيبرپختونخواهه، گلگت بلتستان جي وڏن وزيرن ۽ بلوچستان جي وقتي گورنر کي پڻ عيد جي مبارڪباد ڏني. هن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ بلوچستان جي وڏي وزير کي ٽي??يف??ن ??ئي. بلوچستان جي وڏي وزير جي ٻاهرئين ملڪ دوري تي هجڻ جي ڪري وزيراعظم جي ساڻس ڳالهه ٻولهه نه ٿي سگهي. وزيراعظم شهباز شريف سمورين اتحادي پارٽين جي اڳواڻن، وڏن وزيرن کي ٽي??يف??ن تي عيد جي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري کي فون ڪئ?? ۽ عيد جي مبارڪباد ڏني. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو وزيراعظم کي مبارڪباد ڏني ۽ ٽي??يف??ن ڪرڻ تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم شهباز شريف پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان پڻ ٽي??يف??ن تي ڳالهه ٻولهه ڪئ??، عيد جي مبارڪباد ڏني ۽ ملڪي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ??ئي. مولانا فضل الرحمان سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات جي ڪامياب دورن تي وزيراعظم کي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم جماعت اسلامي جي امير سراج الحق کي ٽي??يف??ن ڪئ?? ۽ کيس عيدالفطر جي مبارڪباد ڏني، ٻنهي اڳواڻن ملڪي سياسي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ??ئي. وزيراعظم مواصلات واري وفاقي وزير مولانا اسعد محمود، محسن داوڙ، خالد مقبول صديقي، سردار اختر مينگل، علامه ساجد مير ۽ خالد مگسي سان پڻ ٽي??يف??ن تي ڳالهه ٻولهه ڪئ??، عيد جي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم شهباز شريف محمود خان اچڪزئي، علي نواز شاهه، شاهه زين بگٽي، اسلم ڀوتاڻي، چوڌري سالڪ حسين سان پڻ ٽي??يف??ن تي ڳالهه ٻولهه ڪئ?? ۽ عيد جي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم چوڌري سالڪ حسين کان چوڌري شجاعت حسين جي طبيعت پڇي ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.