اسلام آباد – 23 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز ش??يف چيو آ??ي ته آئين جي بالادستي سان ئي پاڪستان ?? جمهوري ادارن کي وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهجي ٿو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ج??ري بيان موجب وزيراعظم سان قومي اسيمبلي ميمبر محسن شاهنواز رانجها اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ?? جمهوريت جي استحڪام ۽ پاڪستان جي معاشي ترقي جي حوالي سان معاملا بحث هيٺ آيا. ملاقات دوران وزيراعظم محمد شهباز ش??يف چيو ته آئين جي بالادستي سان ئي پاڪستان ?? جمهوري ادارن کي وڌيڪ مضبوط ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته جمهوري ادارن جي مضبوطي ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ اسان سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. محسن شاهنواز رانجها ان يقين جو اظهار ڪيو ته وزيراعظم شهبازشريف جي قيادت ۾ وفاقي حڪومت ۾ ترقي جي اها ئي رفتار نظر ايندي جيڪا سندس قيادت ۾ پنجاب ۾ ڏٺي وئي.