اسلام آباد – 21 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان بلوچستان عوامي پارٽي جي صدر ڄام ڪمال خان ۽ قومي اسي??بل?? ۾ پارلياماني اڳواڻ خالد حسين مگسي جي قيادت ۾ پارٽي جي وفد ملاقات ڪئي ۽ ملڪي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ??ئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب بلوچستان عوامي پارٽي جي وفد وزيراعظم پاران بلوچستان جي ترقي کي حڪومت جي ترجيحن ۾ ??ام?? ڪرڻ جي آجيان ڪئي. وزيراعظم سان ملاقات ڪندڙ وفد ۾ وفاقي وزير سردار اسرار ترين، سينيٽر انوارالحق، سينيٽر سرفراز اح??د بگٽي، سينيٽر ثمينه ممتاز، قومي اسي??بل?? ميمبر احسان الله ريڪي، روبينه عرفان ۽ صوبائي اسي??بل?? ميمبر بلاول آفريدي پڻ ??ام?? هئا.