اسلام آباد – 21 – اپريل (اي پي پي) وزي??اع??م شهباز شريف جي هدايت تي دادو ضلعي ۾ ڳوٺ فيض محمد درياني چانڊي?? ۾ ??اهه لڳڻ ??ي واقعي ۾ فوت ٿيندڙن جي پونئيرن ۽ زخمين جي امداد لاءِ وفاقي حڪومت هڪ ڪروڙ رپيا جاري ڪري ڇڏيا آهن جڏهن ته سانحي جي رپورٽ وزي??اع??م کي پيش ڪئي وئي آهي. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزي??اع??م شهباز شريف ضلعي انتظاميا کي متاثرين جي بحالي تائين هر ممڪن امداد فراهم رکڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزي??اع??م چيو ته سانحي ۾ فوت ٿيندڙن جي پونئيرن جي ڏک ۾ پوري قوم برابر جي شريڪ آهي. هن هدايت ڪئي ته زخمين جي علاج ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي نه ڪئي وڃي. وزي??اع??م شروعاتي رپورٽ کانپوءِ باهه لڳڻ جا سبب معلوم ڪرڻ جي مڪمل جاچ ??و پڻ حڪم ڏنو آهي. وزي??اع??م هدايت ڪئي ته ضلعي انتظاميا اهڙن قدمن کي يقيني بڻائي ته مستقبل ۾ اهڙو ڪو واقعو سانحي جي شڪل اختيار ڪري سگهي ۽ تفصيلي رپورٽ ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي کي خبر پوڻ تي ذميوارن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.