اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته هاڻي سينٽرل جيل جي حاضري رجسٽر جو صفحو مٽجي چڪو آهي، ڏوهاري چار سا?? ملڪ تي مڙهيل ۽ بيگناهه جيلن ۾ رهيا. گهرو وزارت جو قلمدان سنڀالڻ کانپوءِ پنهنجي مختصر بيان ۾ هن چيو ته الله تع??ليٰ پنهنجي ڪرم سا?? بيگناهن کي عزت ڏني ۽ سرخرو ڪيو آهي. الله تع??ليٰ جا ٿورا م??ان ٿو. هن چيو ته الله تع??ليٰ پنهنجي قدرت جو اهو نظارو عوام کي ??يکاريو آهي، ٻين کي رسوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ پاڻ خوار ٿي ويا آهن، هاڻي آئين ٽوڙيندڙ ۽ گهڙي چور جيلن ۾ ويندا.