اسلام آباد – 25 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر ۽ دفاع واري وفاقي وزير پرويز خٽڪ سان گڏ ايم ڪيو ايم جي وفد سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم ??مران خان جي خصوصي هدايت تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي، بي اعتمادي رٿ ناڪام بڻائڻ لاءِ متحرڪ ٿي ويو. ان سلسلي ۾ پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي وفاقي وزير اسد عمر ۽ پرويز خٽڪ سان گڏجي ايم ڪيو ايم جي وفد سان اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزير وزيراعظم ??مران خان پاران، اهم پيغام ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن کي پهچايو. پرڏيهي وزير چيو ته ملاقاتن جو سلسلو جاري رهندو، ??يم ڪيو ايم اڳواڻن ۾ قانون وارو ??فاقي وزير بئريسٽر فروغ نسيم، انفارميشن ٽيڪنالاجي وارو ??فاقي وزير ا??ين الحق، جاويد حن??ف، صادق افختار شامل هئا.