اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) ??يو??ن صدر جي جامع مسجد مان جمعي جو خطبو سڌو سنئون نشر ڪيو ويو، صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ ??يو??ن صدر جي عملدارن ۽ عملي جمعي جي نماز ادا ڪئي، ??يو??ن صدر جي جامع مسجد مان ”اسلامو فوبيا جي عالمي ڏينهن“ جي موضوع تي خطبو ڏ??و ويو، اس??امي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر قبله اياز جمعي جو خطبو ڏ??و، هن چيو ته مسلمانن سدائين علم کي فروغ ڏنو آهي، خطيب ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اسان کي ايندڙ نسلن جي لاءِ بهتر معاشرو ۽ ماحول ڇڏڻو آهي. هن چيو ته گڏيل قومن ۾ اس??امو فوبيا جي حوالي سان قرارداد منظور ڪئي وئي آهي جنهن جي منظوري ۾ سمورن اس??امي ملڪن اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، ڊاڪٽر قبله اياز چيو ته مسلمانن سدائين هر معاشري جي بهتري لاءِ ڪم ڪيو، وسيلن ۽ ٽيڪنالاجي سان پوري انسانيت جي بهتر ممڪن بڻائي سگهجي ٿي، واضح رهي ته صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي هدايت تي ماڻهن جي رهنمائي لاءِ ??يو??ن صدر جي جامع مسجد مان جمعي جو خطبو سڌو سنئون نشر ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي، جمعي نماز جي موقعي تي ملڪ ۽ قوم جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعا ڪئي وئي.