اسلام آباد – 24 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آ??ي ته ا??ساس انڊر گريجوئيٽ اسڪالرشپ پروگرام تحت سڄي ملڪ جي پبلڪ يونيورسٽيز مان 92 هزار شاگردن ۽ شاگرد??اڻ??ن کي ميرٽ تي اسڪالرشپس ڏنيون ويون آهن، هلندڙ سال جي لاءِ سڄي ملڪ بشمول آزاد ??مون ۽ ڪسمير، گلگت بلتستان مان احساس اسڪالرشپس جي لاءِ هڪ لک 22 هزار 744 درخ??اس??ون ملي چڪيون آهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته وزيراعظم عمران خان جو احساس پروگرام گهٽ آمدني وارن ماڻهن جي ٻارن جي يونيورسٽين ۾ اعليٰ تعليم جي خواب جي تعبير کي ممڪن بڻائي رهيو آ??ي. هن چيو ته جون 2023ع تائين اسڪروٽني جو عمل مڪمل ڪرڻ کانپوءِ 4 يا 5 سالا گريجوئيشن پروگرام جي شاگردن ۽ شاگرد??اڻ??ن کي اسڪالرشپس ڏنيون وينديون.