اسلام آباد – 29 ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي حڪومت، پنجاب حڪومت ۽ اس??يٽ لائيف انشورنس جي وچ ۾ پنجاب ۽ اس??ام آباد ۾ صحت سهولت پروگرام جي يو??يورسل هيلٿ ڪوريج تي عملدرآمد جي لاءِ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪيون ويون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان هڪ سادي تقريب ۾ وفاقي حڪومت، پنجاب حڪومت ۽ اس??يٽ لائيف انشورنس جي وچ ۾ پنجاب ۽ اس??ام آباد ۾ صحت سهولت پروگرام جي يو??يورسل هيلٿ ڪوريج تي عملدرآمد جي لاءِ صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ وزيراعظم جو صحت وارو خاص معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان، پنجاب جي صحت واري وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد ۽ ا??ليٰ آفيسر پڻ موجود هئا. مفاهمت جي ياداشت تي نيشنل هيلٿ سروسز ريگيوليش??ز اينڊ ڪوآرڊينيشن واري سيڪريٽري عامر اشرف خواجه، پنجاب هيلٿ انيشيٽوز مئنيجمينٽ ڪمپني جي سي اي او علي رزاق ۽ اس??يٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن آف پاڪستان جي چيئرمين شعيب جاويد حسين صحيحون ڪيون. وزيراعظم عمران خان 13 ڊسمبر 2021ع تي لاهور ۾ پنجاب جي سمورن شهرين جي لاءِ صحت سهولت پروگرام جو اعلان ڪيو هو. سوشل هيلٿ پروٽيڪشن جي ان قدم جي ذريعي غريب خاندانن کي سڄي ملڪ ۾ مخصوص اس??تالن کان هر ??ال 10 لک رپيا في خاندان علاج جي لاءِ مفت هيلٿ انشورنس فراهم ڪئي ويندي. صحت ڪارڊ جي ذريعي اوپن هارٽ سرجري، اس??نٽس لڳرائن، ڪينسر، نيورو سرجري، برين مئنيجمينٽ، حادثن، ڊائيلاسز، انتهائي نگهداشت، ڊليوري، سي سيڪشن ۽ گڙدي جي پيوندڪاري سان گڏ ٻئي طبي سرجيڪل علاج جي سهولت حاصل هوندي. سڄي ملڪ ۾ فهرست ۾ شامل ڪنهن به اس??تال مان مفت علاج جي لاءِ بين الصوبائي ۽ بين الاضلاعي جي سطح تي سهولت حاصل هوندي.